جتوئي غلام مجتبيٰ خان

جتوئي غلام مجتبيٰ خان

جتوئي غلام مجتبيٰ خان

جتوئي، غلام مجتبيٰ خان: رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي، ڳوٺ نوان جتوئي، تعلقي موري ۾ 23 نومبر 1935ع تي ڄائو، خانصاحب غلام رسول خان جتوئي سندس والد هو. غلام مجتبيٰ خان اڳوڻي نگران وزيراعظم رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جو ٻيو نمبر ڀاءُ هو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ نوان جتوئيءَ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين، ان کانپوءِ ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخلا ورتائين، انٽرميڊئيٽ 1952ع ۾ نوابشاهه مان ڪيائين ۽ 1956ع ۾ ايس. ايم ڪاليج ڪراچيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين.
غلام مجتبيٰ خان 1960ع ڌاري ڏيپارجا يونين ڪائونسل تعلقي موري جو چيئرمئن چونڊيو، 1970ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي موري مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، 1974ع تائين صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهيو. ان ئي سال رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ لاءِ صوبائي سيٽ خالي ڪيائين ۽ پاڻ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي چونڊ وڙهيو. رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران 1983ع ۾ جڏهن ايم. آر. ڊي هلي ته رئيس موري مان هزارين ماڻهن سان گڏ جلوس ڪڍي گرفتاري ڏني بعد ۾ کيس سزا ڏني وئي، گهڻو عرصو مچ بلوچستان ۽ ڪراچيءَ جي لانڍي جيلن ۾ رهيو.
رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ڪنڊياري قومي اسيمبليءَ جي تڪ تان ٻه ڀيرا چونڊ وڙهيو، پر کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي. غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ کي زراعت ۽ جهنگلي جيوت سان تمام گهڻي دلچسپي رهي، راڄن جا فيصلا به ڪندو هو، آخري عمر ۾ جهنگلي جيوت جو هڪ وڏو فارم ٺهرايائين، جنهن ۾ ناياب جانور ۽ پکي رکيا ويا، امن پسند ۽ ڏوهن جي سخت خلاف هو، آخر ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي، جنهن سبب انگلنڊ مان علاج باوجود زنده نه رهي سگهيو، سندس اڪيلو پٽ غلام رسول خان عرف عاقب علي خان سياست ۾ آهي، هو ضلعي ناظم نوشهري فيروز ۽ صوبائي وزير به رهي چڪو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.11.23  عيسوي

رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي ، ڳوٺ نوان جتوئي ، تعلقي موري ۾ 23 نومبر 1935ع تي ڄائو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجيش کنا
عبدالقيوم سڪندري مهر
حڪيم محمد صادق مورائي قاضي
بي ايڇ ايلس
ارڏو اترادي
ارباب الهجڙيو
جشن واسواڻي دادا
شوڪت عزيز
ظفر حسن مرزا جسٽس
دوست محمد قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون